پير سنبڪ سوائي مقام

پير سنبڪ سوائي مقام: ضلعي دادوءَ جي ماڳ ڏسوئيءَ کان نئن بارڻ جي اڀرندي ڪناري، ديهه ڪنڊي واريءَ ۾ سنبڪ جبل جي الهندي پٽ ۾ سترهين ارڙهين صديءَ جي سهڻين گهاڙين وارو هڪ قبرستان موجود آهي، جيڪو ٽن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. هن قبرستان ۾ ’سنبڪ سوائي پير‘ جي مزار هڪ ڪٽهڙي ۾ موجود آهي. هن بابت روايت آهي ته سندس حيثيت زرخيزي ۽ مال جي ديوتا واري هئي. آثارن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ هيءُ ميانوال تحريڪ جو مقرر ڪو اهم فقير هو، جيڪو کٿو پائيندو هو. هن درويش جي نالي سان جبل جي هن حصي جو نالو ئي ’سنبڪ‘ پئجي ويو آهي. هن بزرگ جي مزار جي مرمت هندو عقيدتمند ڪرائيندا آهن. قبرستان ۾ گھاڙيون ڊٺل ۽ کنڊر بنيل آهن، جڏهن ته مٿن اُڪر جو ڏاڍو نفيس ڪم ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو